سنڌ: ۾ هڪ ئي ڏينهن آپگهات ۽ آپگهات جي ڪوششن جا 6 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون ٽنڊو جان محمد جي ڪبير نگر ۾ 16 سالن جي ساگر ميگهواڙ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو ٽنڊو جان محمد جي ڳوٺ ربو ۾ 50 ورهين جي لوڻيو ميگهواڙ به پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪيو ڪشمور ويجهو ڳوٺ منٺار ڀنگوار ۾ 20 سالن جي حاجو ڀنگوار گهرو اڻبڻت تان پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو ٽنڊو باگو ۾ والجي ڪولهي گهر وارن سان ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ٽنڊو باگو جي وارڊ 6 ۾ نوجوان اصغر ٽالپر ڀائرن سان ڪاوڙجي زهر پي ڇڏيو، ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ بدين اسپتال داخل ڪيو ويو ڏيئي ويجهو ڳوٺ آرائين موري ۾ بينا زال راج ڪمار ڪولهي مڙس سان ڪاوڙجي زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، کيس تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي