جمعيت علماء اسلام سنڌ جي سرواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني انتها تي پهچي وئي آهي، اسٽريٽ ڪرائم وڌي ويا آهن ۽ اغوا براءِ تاوان جا واقعا عام ٿي ويا آهن.هن الزام هنيو ته حڪمران عوام کي ڪا به سهولت نٿا ڏئي سگهن، مهنگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. علامه سومرو موجب ٻه کان چار سال جا معصوم ٻار به اغوا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته 18 سالن کان سنڌ ۾ حڪمران پيپلزپارٽي عوام کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي.هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ حڪمرانن جو گٺ جوڙ آهي، ڪرمنلز چونڊن ۾ ووٽ وجهن ٿا. “اسان امن لاءِ جرگا ڪيا پر پيپلزپارٽي جا سردار نمائندا شامل نه ٿيا، جنهن مان ظاهر آهي ته اهي امن نٿا چاهين.”سندس چوڻ مطابق سنڌ امن مارچ ۾ عوام جي وڏي شرڪت حڪمرانن تي عدم اعتماد جو اظهار آهي. “سنڌي عوام ڪرپٽ ۽نااهلحڪمرانن کان آزادي چاهي ٿي، ۽ جمعيت علماء اسلام اهو مشن جاري رکندي.”علامه سومرو ٻيهر ڪا لا باغ ڊيم جي مخالفتڪندي چيو ته سنڌ دشمن منصوبا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن واضح ڪيو ته سنڌ کي نئون صوبو نه کپي، جيڪڏهنپنجاب کي ضرورت آهي ته نوان صوبا اتي ٺهڻ گهرجن.”سنڌي عوام جاڳي چڪي آهي، نااهل حڪمرانن کي گهر موڪلڻ ئي حل آهي.” علامه سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ڳوٺاڻا ۽ هاري وڏو نقصان ڀوڳي رهيا آهن، ۽ امن پسند ڌرتي کي جرائم پيشه ماڻهن حوالي ڪيو ويو آهي.جمعيت علماء اسلام سنڌ جون امن، خوشحالي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته سنڌ امن مارچ کي مختلف شهرن ۾ وڏي عوامي حمايت حاصل ٿي آهي.