سنڌ : حڪومت صوبي ۾ ميٽرڪ جا ساليانا امتحان 8 مئي کان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب شاگردن کي امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون.سنڌ حڪومت طرفان وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان امتحانن دوران امتحاني سينٽرن ۾لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو آهي ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾امتحان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا، امتحانن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آھيميٽرڪ جي امتحانن ۾ 7 لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺنديون، ڪراچي ۾ 400 امتحاني مرڪز ۽ حيدرآباد ۾ 25 امتحاني مرڪز حساس آهن.ڪاپي ڪلچرروڪڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي، سمورن امتحاني مرڪزن لاءِ ويجيلنس ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.صوبائي وزير اسماعيل راھو وڌيڪ چيو آهي ته امتحاني مرڪزن ۾ استادن ۽ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي پابندي هوندي.