سنڌ ۾ 27 جون کان پھرين جولائي تائين پري مونسون سانؤڻ جون برساتون وسڻ جو امڪان

سنڌ ۾ 27 جون کان پھرين جولائي تائين پري مونسون سانؤڻ جون برساتون وسڻ جو امڪان حيدرآباد، ٽنڊومحمدخان بدين سجاول ٺٽو ٿرپارڪرميرپورخاص عمرڪوٽ سانگھڙ، ٽنڊوالھيار، مٽياري سميت سنڌجي جبل وارن علائقن ۾ گجگوڙ کنؤڻ تيز ھوائن سان برسات جو امڪان آھي.موسميات جي ماھرن ۽ ماڊلز موجب خليج بنگال ۾ برسات وسائڻ وارو ٺھيل ھوائن وارو اثر ڀارت جي رياست گجرات ۽ رياست راجستان ۾ پھچي ويو، گجرات ۽ راجستان جي مختلف ھنڌن تي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. گجرات ۽ راجستان مان برسات وارا ڪڪر پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾نگرپارڪر ۾27 جون تي داخل ٿيڻ شروع ٿي ويندا.ھوائن جي اثر سان سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو امڪان آھي. عيدالاضحي وارن ڏھاڙن ۾ به برسات جو امڪان آھي.