سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي واقعو: جده ۾ او آءِ سي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب

سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعي خلاف اسلامي تعاون تنظيم جو هنگامي اجلاس اڄ(آچر) تي جده ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس سعودي عرب طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف گڏيل موقف جي اظهار لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويندو.او آءِ سي لاڳاپيل حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته قرآن ڪريم ۽ ٻين اسلامي مقدس جڳهين جي بيحرمتي وارن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن.تنظيم سمورن ملڪن تي لڳايل ذميواري جو مظاهرو ادا ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر تحت نسل، جنس، زبان يا مذهب جي تفريق کان سواءِ انساني ۽ بنيادي حقن جو احترام ۽ ان جي پابندي کي هٿي ڏيڻ سمورن رياستن تي فرض آهي.اسلامي تعاون تنظيم ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ذميواري سان گڏ لاڳاپيل عالمي انساني حقن جي قانون موجب اظهار جي آزادي جي حق جو استعمال ڪيو وڃي.سوئيڊن ۾ ٿيندڙ واقعي خلاف سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان سراپا احتجاج آهن ۽ سڄي دنيا ۾ مظاهرن جو سلسلو پڻ جاري آهي. پاڪستان سميت عراق، ايران، سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن سويئڊن ۾ قرآن جي بيحرمتي جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي طرح جو عمل سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبات کي ڀڙڪائي ٿو.يورپي يونين به قرآن ڪريم جي بيحرمتي جي عمل کي رد ڪندي چيو ته اهو واقعو جارحانه، بيعزتي ۽ چٽي طور تي چڙ ڏيارڻ تي ٻڌل آهي.يورپي يونين طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب يورپي يونين مذهب يا عقيدي ۽ اظهار جي آزادي لاءِ بيٺل آهي. نسل پرستي، نفرت انگيزي، تشدد جي يورپ ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. بي حرمتي جو واقعو اهڙي وقت تي ڪيو ويو جڏهن مسلمان عيدالاضحيٰ ملهائي رهيا هئا.