سوئيڊن ۾ اسٽاڪ هوم جي مسجد ٻاهران قرآن ڪريم جي بيحرمتي جي واقعي تي يورپي يونين جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ يورپي يونين چيو آهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي واري عمل کي رد ڪريون ٿا. سوئيڊن واقعو جارحانه، بيعزتي تي ٻڌل ۽ چڙ ڏيارڻ جو چٽو عمل آهي.يورپي يونين طرفان چيو ويو آهي ته اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ يورپي يونين جي راٰءِ جي عڪاسي نٿو ڪري. بي حرمتي جو واقعو اهڙي وقت ڪيو ويو جڏهن مسلمان عيدالاضحيٰ ملهائي رهيا هئا.يورپي يونين موجب يورپي يونين مذهب يا عقيدي ۽ اظهار جي آزادي واري راءِ تي بيٺل آهي. نسل پرستي، نفرت انگيز، برداشت نه ڪرڻ جوڳي تشدد جي يورپ ۾ ڪابه جڳهه نه آهي.ٻئي طرف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ تي اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. او آءِ سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ اهڙي عمل خلاف ڳالهيون ڪيون وينديون. جڏهن ته ضروري قدمن بابت گڏيل موقف جو به جائزو ورتو ويندو.ياد رهي ته مسلمان ۽ عرب دنيا سميت ٻين ملڪن به هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه ملڪن رد عمل ۾ پنهنجن سفيرن کي واپس گهرائي ورتو آهي. مختلف ملڪن ۾ پرڏيهي آفيسر طرفان سوئيڊن جي سفير کي طلب ڪري احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو آهي.