سوشل ورڪر حسينه بلوچ جي گهر تي هڪ ڀيرو ٻيهر قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن دوران سوشل ورڪر حسينه بلوچ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حملي دوران هوءَ زخمي ٿي پئي، جڏهن ته سندس منگيتر تي به حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايس ايڇ او محمد اسلم جمالي فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪئي، پر جوابدارن طرفان پوليس موبائيل تي به حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ پوليس گاڏي کي سخت نقصان رسيو. ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جا حملو سوشل ورڪر حسينه بلوچ تي اڳ به ٿي چڪا آهن، جن ۾ سندس قتل جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اڃا تائين جوابدار قانون جي پڪڙ کان ٻاهر آهن. حملي دوران جوابدارن طرفان حسينه بلوچ کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. اسان هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اعليٰ اختيارين ايس ايس پي ميرپورخاص، ڊي آءِ جي، ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا ته ان واقعي جو نوٽيس وٺي، ملوث دهشتگردن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙي قسم جي وحشيانه ڪاررواين سان نه رڳو بيگناهه ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رٽ کي به سخت چئلينج مليو آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا بيحسي ختم ڪري فوري طور تي قدم کڻندا.