سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 1100 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 943 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 23 هزار 251 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ ٻه هزار 490 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.