سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 1350 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 18 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 1157 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 71 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 26 ڊالر واڌ سان 2 هزار ڊالر في اونس آهي.