ڪراچي : ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا گهٽتائي سامهون آئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1700 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 34 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1457 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک هڪ هزار 46 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1945 ڊالر في اونس آهي.