سون هزارين رپيا مهانگو، ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ سون جو في تولو 5 هزار رپيا مهانگو ٿيو آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ سون جو في تولو 2 لک 14 هزار 5 سئو رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 4 هزار 2 سئو 88 رپيا واڌ کانپوءِ 1 لک 83 هزار 9 سئو رپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 12 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1982 ڊالر جو ٿي ويو آهي.