مسلسل واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 51 هزار رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 4 هزار 287 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 925 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 53 ڊالر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ في اونس سون جي نئين قيمت 3 هزار 290 ڊالرز ٿي وئي آهي.