سياست مان نفرت ۽ ورهاست کي ختم ڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي سياست شخصيتن خلاف نه هجڻ گهرجي، سياست مان نفرت ۽ ورهاست کي ختم ڪرڻو پوندو.ڪراچي ۾ يونيورسٽي ڪانووڪيشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ جيڪي نوجوانن کي گمراهه ڪري تشدد تي اڪسائڻ چاهين ٿا، انهن کي رد ڪرڻو پوندو، اسان مهانگائي ۾ واڌ ۽ معيشت ڪِرڻ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.هن چيو ته غربت ۽ بيروگاري جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ تقريب ۾ شرڪت مون لاءِ اعزاز آهي، موجوده نسل ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين رکي ٿو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪنهن خاص طبقي يا ڪجهه ماڻهن جو نه پر سڀني جو آهي، نوجوان اصل سرمايو آهن، اهي ئي حال ۽ مستقبل جون اميدون آهن، ڪير توهان کي تشدد تي اڪسائي، نفرت تي ٻڌل ڳالهيون ڪري ته ان کي رد ڪري ڇڏيو.