پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني جو سيستان ۾ قتل ٿيل 8 پاڪستانين جي قتل تي بيان سامهون اچي ويو آهي. ايراني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيستان جي شهر مهرستان ۾ 8 پاڪستاني شهرين تي هٿياربند حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهو غير انساني ۽ بزدلاڻو واقعو برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي. ايراني سفارتخاني چيو آهي ته دهشتگردي پوري خطي جي لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل خطرو آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو رجحان گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان بيگناهه انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، خطي ۾ امن استحڪام جي لاءِ اجتماعي ۽ گڏيل ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهن. ياد رهي ته ايران جي صوبي سيستان جي شهر مهرستان ۾ دهشتگردن هڪ ورڪشاپ تي فائرنگ ڪري 8 پاڪستاني ڪار مڪينڪس کي قتل ڪري ڇڏيو هو، قتل ٿيل ماڻهن جو تعلق پنجاب جي شهر بهاوالپور سان آهي. وزيراعظم شهباز شريف به ايراني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي فوري جاچ ڪئي وڃي ۽ بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.