لاهور پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سيلاب سبب ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو آهي، پنجاب ۾ 15 ڏينهن کان ماڻهو بي گهر آهن ۽ رليف ڪئمپن ۾ ويٺل آهن. قصور، ملتان ۽ جلالپور ۾ ماڻهو شديد متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب ۽ سندس ٽيم جا شڪر گذار آهيون جيڪي 15 ڏينهن کان تياريون ڪري رهيا هئا، هاڻي رليف لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ اڳ به سپر فلڊ جو مقابلو ڪري چڪي آهي، ان ڪري ماڻهن کي اپيل آهي ته انتظاميا سان سهڪار ڪن. بلاول ڀٽو چيو ته وفاق کي درخواست ڪئي آهي ته جتي ماڻهو متاثر ٿيا آهن اتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي فوري امداد جاري ڪئي وڃي، ڇو ته راشن ۽ سامان ناڪافي آهي. هن چيو ته زرعي شعبي کي وڏي نقصان جو خطرو آهي ۽ اندازي موجب نقصان 1.5 بلين ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پوندي، ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. بئراج جي 16 گيٽن کي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ به ڪيا ويندا. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ کي هن وقت اتحاد جي ضرورت آهي، اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن واضح ڪيو ته ڀاشا ڊيم جو بنياد پيپلز پارٽي رکيو هو، جڏهن ته راوي ۽ ستلج تي سيلاب اچڻ باوجود انڊس تي ڊيم جي ڳالهه بي معنيٰ آهي. سندس چوڻ هو ته ريور بيلٽ تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهڻ به خطري جو سبب آهن، مستقبل ۾ بئراجن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ ضروري آهي.