سينيٽ اجلاس: اڪثريت نه هجڻ تي حڪومت عدليه بابت آئيني ترميم ملتوي ڪري ڇڏي

 سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ جاري آهي، حڪومت نمبر پورا نه هجڻ تي عدليه بابت ترميم پيش ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر بينچن تي پهچي ويا.سينيٽ اجلاس ۾ 5 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. عدالتي اصلاحات بابت آئيني ترميم اڄ جي ايجنڊا ۾ شامل نه آهي. سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت بل جي منظوري لاءِ نمبرز پورا نه هجڻ تي عدليه بابت آئيني ترميم پيش ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو.