“سينيٽ جي خالي سيٽ تي پولنگ جاري، پي ٽي آءِ ۽ اپوزيشن جا اميدوار ميدان ۾”

خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ ثانيه نشتر جي استعيفيٰ کان پوءِ خالي ٿيندڙ سينيٽ جي سيٽ تي پولنگ جو عمل جاري آهي سينيٽ چونڊن جي لاءِ اپوزيشن آزاد اميدوار مهتاب ظفر کي گڏيل طور تي اميدوار نامزد ڪيو آهي. جي يو آءِ(ف) جي اميدوار شازيه ۽(ن) ليگ جي ثوبيه شاهد دستبردار ٿي وئي آهي. انهي کا علاوه صائمه خالد دستبردار نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي مشعال يوسفزئي، اپوزيشن جو مهتاب ظفر ۽ صائمه خالد ميدان ۾ آهن. پولنگ کان اڳ وڏي وزير علي امين جي اپوزيشن اڳواڻ عبادالله سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻ اميدوار دستبردار ڪرائڻ کان معذرت ڪري ورتي.