سيوهڻ: انڊس هاءِ وي روڊ تي تيز رفتار ڊمپر جو ڪار کي ٽڪر، عورت فوت، هڪ ڄڻو زخمي

سيوهڻ ڀرسان لڪي شاھ صدر وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڊمپر ۽ ڪار وچ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت موقعي تي فوت جڏھن ته هڪ ڄڻو  زخمي ٿي پيو. فوتي عورت ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي عورت جي سڃاڻپ نور فاطمہ طور ٿي آهي جڏهن ته زخمي ۾ اظهار جوڻيجو شامل آهي. پوليس موجب فوتي عورت ۽ زخمي جو تعلق دادو سان آهي، واقعي واري هنڌ کان ڊمپر ڊائيور فرار، پوليس ڊمپر پنهنجي تحویل ۾ وٺي ڇڏيوآهي.