گڏيل مفادن واري ڪائونسل(سي سي آءِ) اجلاس ۾ ڪئنال منصوبا رد ڪرائڻ کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ايئر پورٽ پهتو جتي ڪارڪنن ۽ وزيرن طرفان سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. گذريل ڏينهن سي سي آءِ جي اجلاس ۾ تڪراري ڪئنال منصوبي جو ڪيس ڪاميابي سان کٽڻ کان پوءِ ڪراچي ايئر پورٽ تي واپسي تي وڏي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وڏي وزير جو پراڻي ٽرمينل تي ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو ۽ سندس مٿان گل نڇاور ڪيا. ايئرپورٽ تي صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين چونڊيل نمائندن، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو پرجوش استقبال ڪيو “جيئِي ڀٽو” ۽ “جيئِي بلاول” جا نعرا ايئرپورٽ تي گونجي اٿيا. انهي حوالي سان ايئرپورٽ تي موجود اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي شروعات کان وٺي هن وقت تائين ڪينالن جي خلاف رهي آهي. صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ سيد مراد علي شاهه سميت اعليٰ قيادت، مرڪزي قيادت سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبي جي خلاف هئي. اسان هن وقت به وڏي وزير مراد علي شاهه کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جنهن سنڌ جو ڪيس بهترين طريقي سان گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ رکيو جتان کيس ڪاميابي ملي.