سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيتن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ طرفان تحريڪ انصاف جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي گڏيل درخواست تي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وضاحت واري درخواست دير جو طريقو آهي ۽ اهو عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي رستي ۾ رنڊڪ آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي وضاحت جي درخواست صحيح نه آهي ۽ اهو قدم غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي برابر آهي. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ بيرسٽر گوهر کي پارٽي چيئرمين مڃيو آهي ۽ هاڻ وضاحت جي نالي تي پنهنجي پوزيشن تبديل نٿو ڪري سگهي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ پي ٽي آءِ جا ڪامياب اميدوار آهن ۽ اليڪشن ڪميشن کي 12 جولاءِ جي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي گڏيل درخواست اڪلائي وڃي ٿي ۽ انهي فيصلي تي ڪابه وڌيڪ وضاحت قبول نه ڪئي ويندي.