سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي ٿيندي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد بينچ جو حصو آهن.

وفاقي حڪومت ڪيس کي فل ڪورٽ جي سامهون مقرر ڪرڻ جي باقاعده درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي ۾ سمورين ڌرين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. عدالت اٽارني جنرل کان پارليامينٽ جي ڪارروائي ۽ قائمه ڪميٽين جو رڪارڊ به طلب ڪيو آهي.