سڄي دنيا ۾ اڄ محسنِ ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰﷺجِي ولادت جو جشن ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ٻنهي جهانن جَي سردار، محسنِ ڪائنات ۽ پيغمبر آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰﷺجِي ولادت جو جشن، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺمذهبي جوش جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توبن جي سلامي سان ڏهاڙي جي شروعات، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن مان جشن ميلاد جا جلوس ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن.هر طرف مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ جي نعرن جا پڙاڏا، اسلام آباد ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جي مک تقريب منعقد.ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به تقريبون، ميڙاڪا ۽ ريليون، انسانيت جي عظيم محسن کي عقيدت ۽ ڀيٽا جا گل آڇڻ لاءِ نعتيه ۽ درود و سلام جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون.12 ربيع الاول جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي کان علاوه جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.