سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا بند، ڪراچي ۾ ميٽرڪ جا امتحان جاري

ڪراچي: سڄي ملڪ جا نجي تعليمي ادارا اڄ بند آهن، ڪيترن ئي شهرن ۾ پيپر ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ميٽرڪ جا امتحان شيڊول موجب جاري آهن.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ گرفتاري کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا جنهن جي حوالي سان اڄ سموري ملڪ جا نجي تعليمي ادارا بند آهن. آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته اڄ سڄي پاڪستان جا پرائيويٽ اسڪول بند رکيا ويندا. خيبرپختونخواهه ۾ به 13 مئي تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان به ڇنڇر 13 مئي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.لاهور ۾ به احتجاجي مظاهرن ۽ پوليس سان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي چڪرين جي حوالي سان اڄ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند آهن. هوڏانهن راولپنڊي تعليمي بورڊ نائين ڪلاس جو شيڊول پيپر ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي بورڊز جي چيئرمين ڪميٽي طرفان سموري صوبي ۾ اڄ شيڊول امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن مظاهرن جي صورتحال جي حوالي سان برٽش ڪائونسل طرفان به اڄ 10 مئي تي ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. هوڏانهن وفاقي بورڊ جي اهتمام هيٺ اڄ ٿيندڙ پيپر به ملتوي ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه(شهيد بينظير آباد) ۾ اڄ ميٽرڪ جا امتحان شيڊول موجب جاري آهن.نمل يونيورسٽي انتظاميه گذريل رات شاگردن سان ڀريل بسن کي يونيورسٽي واپس گهرايو هو ۽ حفاظت جي حوالي سان کين هاسٽل ۾ رهائش ڏني وئي. ياد رهي ته نمل يونيورسٽي جي شاگردن جون بسون احتجاج دوران ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊن تي ڦاٿل هيون. گاڏيون واپس گهرائڻ ۽ شاگردن کي هاسٽل ۾ رهائش ڏيڻ تي والدين انتظاميه جو ٿورو ادا ڪيو آهي.هوڏانهن اوڪاڙه ۾ سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا اڄ بند آهن. اي او ايجوڪيشن ملڪ ارشد موجب نائين ڪلاس جو ٿيندڙ پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي. ڊي سي ذيشان حنيف اعلان ڪيو آهي ته اوڪاڙه جا سمورا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به اڄ بند رهنديون. ڪوئٽه ۾ سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي به اڄ بند آهي.ڪراچي ۾ حالتن کي نظر ۾ رکندي نجي تعليمي ادارا اڄ بند آهن. اقرا يونيورسٽي جا سمورا ڪيمپس، بحريه يونيورسٽي ڪراچي ڪيمپس بند رهندا. جڏهن ته علما يونيورسٽي تحت اڄ ٿيندڙ پيپر ملتوي ڪيا ويا آهن جن جي لاءِ نئين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ ميٽرڪ بورڊ تحت ٿيندڙ امتحان معمول موجب جاري آهن. انتظاميه موجب نائين ڪلاس جو بائيلاجي جو پيپر ورتو پيو وڃي. جڏهن ته ٻنپهرن جي شفٽ ۾ انگريزي جو پيپر شيڊول موجب ورتو ويندو.