سکر:علائقي گوليمار جي رهواسي عورت جو پنهنجي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ،ان موقعي تي متاثر عورت حراناز ملڪ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس مولا بخش ڪاڪيپوٽو پنهنجي پھرين زال جي چوڻ تي مون مٿان تشدد ڪندو آهي جڏهن ته گذريل رات دير سان منهنجي مڙس مولا بخش مون مٿان تشدد ڪري مون کي اڌ رات جو گهر مان ڪڍي ڇڏيو جنهن کان پوءِ مان پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر هلي ويس، هن چيو ته مولا بخش ڪاڪيپوٽو مون مٿان تشدد ڪري مون کان طلاق وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر مان طلاق وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي هن چيو ته منهنجو مڙس مولا بخش وڏو ظالم آهي مون کي هن مان جان جو خطرو آهي مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته متاثر عورت ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته انهي جو نوٽيس وٺندي يا ته ڌار گهر وٺي ڏنو وڃي يا مولا بخش کان هر مهيني خرچ وٺي ڏنو وڃي ته جيئن مان پنهنجي ٻارن سان زندگي گذاري سگھا.