سکر:آبپاشي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، سخت نعريبازي،

سکر:آبپاشي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، سخت نعريبازي، خبرموجب: سکر بئراج ڊويزن ايريگيشن ايمپلائيز يونين پاران سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عبدالرحمان جمالي، غلام حيدر سهتو، امجد جتوئي، بشير ملڪ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن پڻ نعريبازي ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اختيار ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏنا ويا آهن، ان کان اڳ 2011ع ۾ ڊي سيز ذريعي ڀرتيون ڪيون ويون هنيون، پر اهي سياسي سفارشن ذريعي ڀرتي ٿيل ملازم پنهنجون ڊيوٽيون نٿا ڪن، ان ڪري سنڌ جو انتهائي اهم ايريگيشن کاتو تباھ ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اداري کي بچائڻ لاءِ آبپاشي آفيسرن ذريعي ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن اهل ملازم ڀرتي ڪيا وڃن، هنن چيو ته ايريگيشن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي به ڀرتي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسان اڌاريا کي سموري زندگي ارپي ڇڏي آهي، ان صورت ۾ اسان جا ٻار ڪيڏانهن ويندا، هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي گروپ انشورنس ۽ هيلٿ ڪارڊ ڏنا وڃن، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته پوءِ 6 جون تي ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.