سکر:احتساب عدالت سکر ٿري جي جج ناصرالدين شاهه جي عدالت سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار جو ڪيس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ نيب سکر پاران 2018ع ۾ روهڙي واري علائقي ۾ رڪارڊ ۾ هيراڦيري جي ڪيس ۾ 18 جوابدارن خلاف 49 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس داخل ڪيو هو۔عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آئي اڳواڻ ديدار جتوئي جو چوڻ هو ته ريفرنس ۾ پ پ جو اڳوڻو ايم پي اي نصرالله بلوچ پي ٽي آءِ اڳواڻ ديدار جتوئي اي سي شاهد شاهه مولا داد دراني ۽ ٻيا شامل هئا۔احتساب عدالت سکر نيب جي نئين قانون موجب 50 ڪروڙ کان گهٽ جو ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو آهي،