سکر:احتساب عدالت سکر91 ڪروڙ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ گرفتار ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊي ايف سي سوڌو 4 جوابدارن جي پڪي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي۔ ان ڏس ۾ عدات ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل همايون شيخ ۔وڪيل ظاهر حسين ڀنڀرو ۽ وڪيل زبير احمد چاچڙ ٻڌايو ته سال 2020 ۾ خوراڪ کاتي سکر ۾ ڪڻڪ ڪرپشن بابت 91 ڪروڙ روپين جو ريفرنس 11 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو ريفرنس ۾ شامل 4 جوابدارن جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق راڄپر. ڊي ايف سي محمد اقبال ميمڻ. فلور مل مالڪ هريش مل ۽ پرديپ ڪمار جي پڪي ضمانت وارين درخواستن جي احتساب عدالت نمبر ٽي جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو فيصلي موجب عدالت 4 جوابدارن ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق راڄپر. ڊي ايف سي محمد اقبال ميمڻ. فلور مل مالڪ هريش مل ۽ پرديپ ڪمار جي 5-5 لک روپين عيوض پڪي ضمانت ڪري ورتي آهي۔