سکر:جي عيد گاهه روڊ جي رهواسي نواز بوزدار رٽائرڊ ٻيلي ملازم ٽن

سکر :جي عيد گاهه روڊ جي رهواسي نواز بوزدار رٽائرڊ ٻيلي ملازم ٽن مهينن کان پينشن نه ملڻ خلاف سکر پرس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته فاريسٽ کاتي سنڌ پاران گذريل ٽن مهينن کان مونکي پينشن نه ڏني آهي جنهن سبب گهر جو وهنوار هلائڻ مشڪل ٿي ويو آھي هڪ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آھي ته ٻئي پاسي ٽن مهينن کان پينشن نه ملڻ ڪري سخت پريشان آھيان ۔متاثر رٽائرڊ ملازم نواز بوزدار اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي پينشن ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.