سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران آرٽس ڪائونسل خيرپور جي شيراز شاهه جيلاني ۽ سال 2020 جي معطل ٿيل ميمبرن کي بحال ڪري ڇڏيو

سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران آرٽس ڪائونسل خيرپور جي شيراز شاهه جيلاني ۽ سال 2020 جي معطل ٿيل ميمبرن کي بحال ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ان سلسلي ۾ آرٽس ڪائونسل خيرپور جي اڳوڻي صدر شيراز شاهه جيلاني معطل ٿيل ميمبر شپ جي فيصلي خلاف سنڌهاءڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي۔داخل درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي۔ ٻڌڻي دوران درخواستگذار شيراز شاهه جيلاني. اڳوڻو صدر سانول ڳاهو. اڳوڻو جنرل سيڪريٽري اڪبر شاهه ۽ وڪيل پيش ٿيا۔عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد آرٽس ڪائونسل خيرپور جي اڳوڻي صدر شيراز شاهه جيلاني ۽ سال 2020 جي ميمبرن واري لسٽ کي بحال ڪندي آرٽس ائونسل جي چئرمين ڊي سي خيرپور کي ميمبرن جي فيس بابت بئنڪ اسٽيٽمينٽ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۔وڪيل سهيل کوسو عدالتي احاطي ٻاهران شيراز شاھ جيلاني سان گڏ صحافين کي ڪيس بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته عدالت ڊي سي خيرپور کي ميمبرن جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد آرٽس ڪائونسل جي چونڊ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شيراز شاھ سميت سال 2020 جي ميمبرن واري لسٽ کي به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي۔