سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران صحت کاتي خيرپور جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرن کي

سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران صحت کاتي خيرپور جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزرن کي حراسان ڪندڙ اڳوڻي اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز علي وساڻ کي گرفتار ڪرائي ورتو ۔صحت کاتي خيرپور جون متاثر ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ سپروائيزر طرفان اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز وساڻ خلاف حراسان ڪرڻ بابت سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي۔داخل درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ۔ٻڌڻي دوران ڊي ايڇ او هيلٿ ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا۔درخوستگزارن جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪندي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز علي وساڻ درخواستگزارن سان بدسلوڪي ڪري حراسان ڪري رهيو آهي ان خلاف ڪارروائي ان ڪري نٿي ڪئي وڃي ته هو حڪمران جماعت جي اهم شخصيت جو ويجهو مائٽ آهي۔عدالت پٽيشنرز جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد استدعا منظور ڪندي  هٽايل اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر امتياز وساڻ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي عمل ڪندي عدالت جي سيڪورٽي پوليس اهلڪارن امتياز وساڻ کي گرفتار ڪري عدالت جي لاڪ اپ روم ۾ قيد ڪري ڇڏيو جتي ميڊيا وارن طرفان وڊيوز ڀرڻ  تي جوابدار مهن لڪائيندو رهيو۔