سکر:سنڌ هائي ڪورٽ بار پاران ججن جي مان ڪوٺايل تقريب جو ڏيک

سکر: هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان ججن جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته شيخ اياز. بيدل بيڪس ۽ هيمون ڪلاڻي جي ڌرتي سکر ۾ مقرري اعزاز آهي جڏهن هو جڏهن مان آيو هيس ته ان وقت 5 هزار 2 ڪيس التوا جو شڪار هيا وڌيڪ 3 هزار نوان ڪيس داخل ٿيا جن مان 3 هزار 6 سئو ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن رهيل ڪيس به جلد اڪلايا ويندا ۔سندس چوڻ هو ته گذريل سال برسات تباهي مچائي سڄو نظام مفلوج بڻجي ويو هو سنڌهاءڪورٽ سکر جي بائونڊري اندر به اڍائي ڦوٽ پاڻي بيٺل هو وڪيل برادري انساني زندگي جي بحالي لاء 70 درخواستون داخل ڪيون ويون جنهن جو جلد حتمي فيصلو جاري ڪيو ويندو جسٽس ظفر احمد راجپوت جو چوڻ هو ته سرڪاري ادارن جا ملازم مسئلن جو شڪار آهن پينشنر ملازمن جي پينشن جي مد ۾ ڏيڊ ڪروڙ روپيا جاري ڪرايا ويا آهن سندس وڌيڪ چوڻ هو ته رياستي ادارا عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن عدليه عوام جو آخري سهارو آهي آفيسر شاهي ۽ انتظاميه پنهنجي زميواري ادا ڪري ۽ وڪيل ڪاپي پيسٽ بدران محنت ڪري ڪيس پاڻ لکن جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته تاريخي لئنسڊائون پل ۽ سکر بئراج جي بحالي ۽ خوبصورتي کي بحال رکڻ جو فيصلو ڏيندڙ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو ڏانهن ڪريڊٽ وڃي پيو ۔ان کان اڳ سنڌهاءڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو خطاب ڪندي چيو ته جج فيصلا ڏيڻ وقت ڪاوڙ نه ڪن جج پاڻ ڳالهائڻ بدران انهن جا فيصلا ڳالهائين سندس چوڻ هو ته هو چاهن پيا ته سنڌهاءڪورٽ ماتحت عدالتن جي مانيٽرنگ ڪن جيڪڏهن هيٺين ڪورٽن مان ڪيسن جا فيصلا صحي ايندا ته هاءڪورٽن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿي ويندو.تقريب ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي. جسٽس ارشاد علي. جسٽس ذوالفقار خان. جسٽس عبدالميبن لاکو. جسٽس محمد سليم جيسر ۽ سکر لاڙڪاڻي ڊويزن جي ججن ۽ وڪيل برادري شرڪت ان دوران سنڌهاء ڪورٽ سکر بار جي جنرل سيڪريٽري ارشاد علي ڌاريجو. خان محمد سانگي. عبدالرحيم مهر. زبير احمد چاچڙ. اسرار شاهه ۽ ٻين وڪيلن ججن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا پڻ پيش ڪيا۔