سکر:سيپڪو ملازمن پاران سيڊا عملدار جي ڏاڍ خلاف سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي

سکر:سيپڪو ملازمن پاران سيڊا عملدار جي ڏاڍ خلاف سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي سيپڪو ملازمن چيو ته سيپڪو جي ٽيم ايس ڊي او اسرار باجڪاڻي جي نگراني ۾ غير قانوني ڪنيشن کي ڪٽڻ لاء آپريشن ڪري رهي هئي ته سيڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سڪندر مگسي جي لڳايل ڪنڊي واري ڪنيڪشن کي ڪٽيو ته سيڊا آفيسر ڪاوڙجي پيو ۽ اسٽاف سميت لائين مين منور زمان سان هٿ ملايو ۽ کيس ڪمري ۾ بند ڪري يرغمال بڻائي ورتو بعد ۾ سيپڪو اسٽاف جي احتجاج تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو ۔سيپڪو ملازمن پوليس ۽ لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته سيڊا آفيسر سڪندر مگسي خلاف ڪيس داخل ڪري سيپڪو ملازمن کي سيڪورٽي فراهم ڪئي وڃي۔