سکر:شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڀٽائي سوشل واچ ۽ ايڊوڪسي (بسووا) خيرپور، ميڊيا

سکر:شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڀٽائي سوشل واچ ۽ ايڊوڪسي (بسووا) خيرپور، ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي، ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سکر ۽ ينگ پيس ڊولپمينٽ ڪور پاران سماجي تبديليءَ ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار جي عنوان تي هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ٿيو. ورڪشاپ جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته نوجوان سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪري سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال سماج جي بھتر سماجي ۽ معاشي تبديلي لاءِ ضروري آهي. ڊاڪٽر ابوپوٽو ورڪشاپ جي آرگنائزرز جي ڪوششن کي ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو ته سوشل ميڊيا جا مثبت ۽ منفي پهلو آهن. سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال رياست جي ترقي ۽ پائيدار امن ۽ مثبت تبديليءَ لاءِ وقت جي اھم ضرورت آهي. ان موقعي تي ماسٽر ٽرينر 92 نيوز جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر سجاد حسين ڀٽي موضوع تي ڳالھائيندي چيو ته سوشل ميڊيا جي حقيقت ۽ سچائي بابت پاڻ تي يقين رکو. هن چيو ته سوشل ميڊيا سماجي تبديلي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري ٿي. سوشل ميڊيا سماج ۾ ماڻهن جي حوصلا افزائي ۽ حوصلا شڪني جو اهم ذريعو آهي. هن چيو تہ سوشل ميڊيا شهري تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته هن يونيورسٽي جي شاگردن ۾ سکڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن شاگردن جي صلاحيتن جي واڌاري ۽ مثبت تبديليءَ لاءِ هن قسم جي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بسوا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خادم حسين ميراڻي چيو تہ اسان شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جا ويجها پارٽنر آهيون ۽ شاگردن جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ جو نوجوان قوم جو مستقبل آهن. هن بسوا جي مختلف پروجيڪٽس جي سرگرمين بابت آگاهي ڏني. اي پي پي سکر جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جميل احمد سومرو چيو ته اي پي پي 1947ع کان وٺي صحيح، بامقصد ۽ بلا تعطل خبرون پھچائي قوم جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو تہ اي پي پي پنهنجي ڪيترن ئي پليٽ فارمن ذريعي مستند خبرن جو مواد فراهم ڪري رهي آهي. هن علائقي جي نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ رهنمائي ڪرڻ تي موجودہ وائيس چانسلر جي ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر استيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفيڪيٽ ورھايا ويا. ورڪشاپ ۾ وائيس چانسلر جي سيڪريٽري زوھيب شفقت ميمڻ، بسوا جي پروجيڪٽ منيجر فوزيه حنيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.