سکر:شڪارپور جي ڳوٺ بیچانجي جي رهواسي رحمت الله مهر سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ هو پنهنجي زال تهمينا کي ڊليوري لاءِ بلڊ بينڪ اسپتال وٺي آيو هو، جتي سندس ڊليوري لاءِ آپريشن ڪيو ويو،

سکر : شڪارپور جي ڳوٺ بیچانجي جي رهواسي رحمت الله مهر سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 6 مهينا اڳ هو پنهنجي زال تهمينا کي ڊليوري لاءِ بلڊ بينڪ اسپتال وٺي آيو هو، جتي سندس ڊليوري لاءِ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران او پازيٽو جي جڳھ اي پازيٽو رت لڳايو ويو، جنهن کانپوءِ سندس حالت خراب ٿي وئي، اسپتال عملي جي غلطي سبب ٻار به پيٽ ۾ ئي فوت ٿي ويو، غلط رت لڳائڻ جو نتظاميا به اعتراف ڪيو ته اسان کان غلطي ۾ ڌاريو رت لڳي ويو آهي، هنن چيو ته ته اسان ڊائلاسز مشين ذريعي جسم مان ڌاريو رت ڪڍون ٿا، پر 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود رت نه ڪڍيو ويو، جنهن ڪري ويتر منهنجي زال جي طبيعت خراب ٿي وئي، ان کان پوءِ انتظاميا اسان کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ زال کي ايس آءِ يو ٽي اسپتال وٺي ويس، جتي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هوءَ فوت ٿي وئي، اهڙي واقعي جي ڊي ايس پي غلام علي جماڻي سميت مختلف آفيسرن انڪوائري ڪئي جنهن کانپوءِ قاتل ڊاڪٽرياڻي فرحت ياسين، او ٽي انچارج شاهد محمود آرائين ۽ او ٽي ٽيڪنيشن شعيب احمد خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، سکر جي بااثر شخصيت جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿي، جنهن جي چوڻ تي پوليس مرڪزي جوابدار ڊاڪٽريا