سکر:صالح پٽ ۾ سرڪاري زمينن تي بااٽرن جا قبضا برقرار علائقي واسين جو سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج.لاڳاپيل اختيارن کان قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ان سلسلي ۾ صالح پٽ جي علائقي جنوني جي رھواسي محرم علي خاصخيلي انور.گلشاد علي.اشرف خاصخيلي ۽ ٻين سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته 1933 کان اسان.جو ڳوٺ جنوني ۾ خاصخيلي محله آباد ٿيو ۽ اتي ٻاھران جي آيل بااثر ڀنڀرا.شباڻي.ٽالپر ۽ سومرا برادرين جي ڪجھ ماڻھن سرڪاري زمينن تي قابض ٿي ڪوڙي الاٽ مينٽ ٺھرائي.ھنن چيو ته 2015 ۾ ڪمشنر سکر جعلي ٺھرايل الاٽ مينٽ کي رد ڪري ڇڏيو.ھنن چيو ته الاٽ مينٽ رد ٿيڻ باوجود بااثر قبضو قائم ڪيون ويٺا آھن.ھنن چيو ته بااثر اسان کي لڏائڻ ٿا چاھن مختلف حربا استعمال ڪري پريشان ڪري رھيا آھن لاڳا پيل آفيسن ۾ اپيلون ڪرڻ باوجود ڪو اثر نٿو پوي ھنن لاڳاپيل اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته زمينن تان قبضا خالي ڪرائي بااثرن جي ظلم کان بچايو وڃي.