سکر:صالح پٽ ۾ چورين آزار وڌي ويو، سماجي اڳواڻ جي گهر مان ٽيون ڀيرو چوري،

سکر:صالح پٽ ۾ چورين آزار وڌي ويو، سماجي اڳواڻ جي گهر مان ٽيون ڀيرو چوري، متاثر سماجي اڳواڻ انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو، صالح پٽ لڳ ڳوٺ مٺو مهر جي رهواسي سماجي اڳواڻ رحيم بخش مهر سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته ٻن سالن اندر منهنجي گهر مان ٽي دفعا گهر جي چوري ٿي وئي آهي، ٻه سال اڳ گهر مان قيمتي سامان چور چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، سال اڳ ٽي ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون چوري ٿي ويون آهن، گذريل مهيني 3 مئي جي رات دير سان چور منهنجي گهر ۾ گهري ٽي سولر پليٽون، پاڻي جو موٽر، هڪ بيٽري، ٻه پکا ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي فرار ٿي ويا جنهن جي شڪايت صالح پٽ ٿاڻي تي ڪئي وئي پر پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو، ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي آفيس جا چڪر لڳايا آهن پر هن محل تائين هڪ به چوري واپس ناهي ملي ۽ نه ئي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته چوري واقعن جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.