سکر:عوامي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي ۽

سکر:عوامي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي ۽ احتجاج ڪيو ويو، ٻه سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ گلوب چونڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي حاڪم جتوئي، حنا بلوچ، سرويچ ذوالفقار مهراڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اغوائن، ڌراڙن ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، هاڻي ته معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جو رواج پيدا ٿي ويو آهي، هن وقت به سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ ڇهن کان مٿي ٻارڙا اغوا ٿيل آهن، پر رياستي ادارا ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ستن ورهين جي نياڻي پريا ڪماري کي سنگرار مان اغوا ڪيو ويو جنهن کي 22مهينا گذري ويا آهن پر پوليس کيس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، ان ڪري معصوم ٻارڙي جا والدين پريشان آهن، پر پوليس معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو صرف وارثن خالي دلاسا ڏنا پيا وڃن، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل تمام معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ريلي ۾ معصوم ٻارڙا به پريا ڪماري جون تصويرون کڻي شريڪ ٿيا.