سکر:عيد الفطر ويجهو ايندي ئي انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمون متحرڪ ٿي ويون آهن، عيد جي خوشين ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن کي شامل ڪرڻ لاءِ مختلف سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران عيد جا تحفا ۽ ٻيو سامان ورهائڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. فطرت تنظيم غريب دوست جتي ٻوڏ متاثرين جي مدد جو سلسلو جاري رکي ٿي، اتي ٻين تنظيمن، اين جي اوز، سياسي پارٽين، مذهبي جماعتن پاران انفرادي سطح تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي. اسان جي دلين ۾ مسڪين ماڻهن لاء ھمدردي آهي، غريب دوست نوجوان هميشه وانگر ڪنهن کان به پوئتي نه آهن، گذريل ڏينهن غريب دوست نوجوان پنجل ڳوٺ پهتي جتي متاثرين ۾ پئسا ورهايا ته جيئن پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪري سگهن.ڳوٺ پنجل جي رهواسين فلاحي تنظيم غريب دوست پاران مدد ڪرڻ تي دعائون ڏنيون ڏيندي سندن چوڻ هو ته غريب دوست تنظيم اهڙو نيڪ ڪم ڪيو آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ان موقعي تي غريب دوست جي رضاڪار عمران کوسو چيو ته اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته الله تعالٰي اسان جي هن نيڪ ڪم کي قبول فرمائي رضاڪار عمران کوسو وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي غريب ماڻهون ٻن وقتن جي ماني لاءِ به ترسجي ويو آهي،اسان جي سمورن سرندي وارن کي گذارش آهي ته ان نيڪ جي ڪم ۾ تعاون ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ غريب ماڻهو فائدو وٺي سگهن