سکر:يوٽيلٽي اسٽور جي ريجن ڊائريڪٽر لطف الله شيخ جي روزاني سنڌ ٽائمز حيدرآباد سان رمضان المبارک جي خصوصي پيڪج جي احوالي سان ڳالهه ٻولهه،

سکر:يوٽيلٽي اسٽور جي ريجن ڊائريڪٽر لطف الله شيخ جي روزاني سنڌ ٽائمز حيدرآباد سان رمضان المبارک جي خصوصي پيڪج جي احوالي سان ڳالهه ٻولهه،ريجن ڊائريڪٽر لطفالله روزاني سنڌ ٽائمز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گورنمينٽ پاران رمضان المبارک جي پيڪج، عوام، جي احوالي سان گھ، دال چڻا، دال منڃ، دال مٽر، دال مهري، اٽو، کنڊ، پتي، بيسڻ، ۽ کجهور وغيره سان اڻويھ ايٽم آهن جيڪي خصوصي رمضان شريف جي پيڪج ۾ آهن، هر عوام کي يوٽيلٽيز تان هر شئي رعايتي ملندي آهي پر هن رمضان المبارک ۾ ان مسڪينن غريب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڊ رکندڙن لاءِ خصوصي پيڪج ۾ اٽو ڏھ ڪلو جي ٿهيلي 400 سو روپيا، کنڊ 70 رپيا ۽ گھ 300 سو رپيا، ائين ٻين شين جي اگهن ۾ به پڻ گهٽتائي آهي، وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته هر يوٽيلٽيز تي هر شئي موجود هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فني خرابي نيٽ وغيره جي ڪري پريشاني جو سبب بڻجي ٿو،باقي هر وقت اسين عوام جي سهولت جيڪا اسان کي گورنمينٽ طرفان ملندڙ آهي سا عوام لاءِ حاضر هوندي آهي.