سکر:پاڪستان ريلوي کاتي سکر جي ملازمن جي غفلت ۽ ناهلي، مال گاڏي ۾ خطرناڪ ڪيميڪل ڊليوري ٿيڻ جو انڪشاف، روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏي ۾ باهه لڳي وئي،

سکر:پاڪستان ريلوي کاتي سکر جي ملازمن جي غفلت ۽ ناهلي، مال گاڏي ۾ خطرناڪ ڪيميڪل ڊليوري ٿيڻ جو انڪشاف، روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏي ۾ باهه لڳي وئي، ڪيميڪل جو ڊرم ڊليوري ڪيو پيو وڃي جيڪو گرمي سبب ڦاٽي پيو،ريلوي انتظاميا پاران نوٽيس ورتو ملوث عملي مٿان ثابت ٿيو ته کاتيوار  ڪارروائي ڪئي ويندي، ريلوي انتظاميا سکر۔ تفصيل موجب روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال بردار گاڏي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، پليٽ فارم تي ويٺل مسافر باھ جي دونھين ۽ بدبو سبب سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، ان ڏس ۾ ريلوي ذريعن موجب بوگي ۾ مبينا زهريلي ڪيميڪل رکيل هو جيڪو گرمي سبب ڦاٽي پيو ۽ باهه لڳي ڀڙڪي پئي۔جڏهن ته ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي. واقعي ۽ نقصانڪار ڪيميڪل بابت ڪا به ڄاڻ ناهي پر جيڪو به ذميوار هوندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي۔