سکر:پسند جي شادي بعد اغوا ٿي ويل ناري صائمه بتول وارو معاملو۔سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران ايس ايس پي سکر

سکر:پسند جي شادي بعد اغوا ٿي ويل ناري صائمه بتول وارو معاملو۔سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران ايس ايس پي سکر کي پسند جي شادي ڪندڙ ناري صائمه بتول ڀنڀرو کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔ان سلسلي ۾ عدالت ناري صائمه بتول جي بازيابي لاء صالح پٽ واسي مڙس غلام فريد ملاح جي درخواست ٻڌڻي ڪئي۔ٻڌڻي دوران درخوستگزار عدالت کي استدعا ڪندي ٻڌايو ته ٽي مهينا اڳ عدالت ٻاهران صالح پٽ جي بااثر شخص سمون خان ڀنڀرو جي چوڻ تي سندس گهرواري جا مائٽ سکر پوليس جي مدد سان صائمه بتول ڀنڀرو کي کسي قيد ڪري ڇڏيو آهي گهرواري صائمه بتول ڀنڀرو جي حياتي خطري ۾ آهي بازياب ڪرائي زندگي بچائي وڃي۔جنهن بعد عدالت ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايڇ او صالح پٽ کي پسند جي شادي تان اغوا ڪيل ناري صائمه بتول کي بازياب ڪرائي 17 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔