سکر: پوليس جي ڪامياب ڪارروائي،ڪنڌرا جو مغوي هندو نوجوان ساحل ڪمار کي بازياب ۔ اقليتي برادري پاران خوشي جو اظهار، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ۽ پوليس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو،ان سلسلي ۾ ترجمان سکر پوليس موجب سکر پوليس جهلي ڪلواڙي واري ڪچي جي علائقي ۾ اهم ڪارروائي ڪندي ڪنڌرا واسي هندو نوجوان ساحل ڪمار کي بازياب ڪرايو ويو آھي۔ ڪنڌرا ٿاڻي جي حد مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساحل ڪمار کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو، ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهار جسڪاڻي جي حڪم تي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي نگراني ۾ باگڙجي ۽ جهلي ڪلواڙي ڪچي ۾ ڪارروائي دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آھي۔ايس ايس پي سکر پوليس ٽيم جي بروقت ڪارروائي تي کين شاباسي ڏني آهي، جڏهن ته سکر ۽ ڀرپاسي جي اقليتي برادري جي وڏي انگ ايس ايس پي سکر آفيس پهچي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ۽ ٻين پوليس اهلڪارن جا ٿورا مڃيندي ايس ايس پي سکر کي گلن جا هار پارايا ۽ سکر پوليس زنده آباد جا نعرا هنيا.