سکر:ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي جو ساراھ جوڳو قدم اکين جي شديد تڪليف ۾ مبتلا 10 ورھين جي معصوم گلاب جي گلن جھڙي ٻارڙي مصباح ڪولاچي جي حوالي سان نوٽس متاثر ٻارڙي جي وارثن سان رابطو سکر الشفاء اسپتال مان علاج شروع ڪرائي ڇڏيو ڪولاچي برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي جي اھڙي عمل جي ساراھ تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ مير خان ڪولاچي جي رھواسي ڏھن سالن جي معصوم گلاب جي گلن جھڙي ٻارڙي جي حوالي سان ھلندڙ خبرن جو سنڌ پوليس م سٺي ساک رکندڙ ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي نوٽس وٺي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ گزريل ڏينھن ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي سينئر صحافي ۽ سکر يونين آف جرنلسٽ جي صدر امداد بوزدار جي معرفت معصوم ٻارڙي جي وارثن سان رابطو ڪري سکر جي الشفاء اسپتال مان علاج شروع ڪرائي ڇڏيو آھي ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي جي اھڙي عمل جي ڪولاچي برادري سميت سکر گھوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ساراھ ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ وارثن جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته معصوم ٻارڙي مصباح ڪولاچي کي ٻه سال اڳ اکين ۾ شديد درد شروع ٿيو جنھن بعد غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر هئا سين جنھن ڪري معصوم ٻارڙي جي ھڪ اک جو نور مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي باقي ھڪ اک جو ڪجھ چانس آھي ليڪن ھن وقت بچي ويل ھڪ اک به علاج نه ھجڻ سبب ڦاٽڻ جو خطرو ھيو اسان انتھائي مشڪور آهيون انسان دوست آفيسر ڊي آء جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي سينئر صحافي امداد بوزدار عاطف خان ء حافظ نعيم ڪولاچي جا جن مڪمل سھڪار جو يقين ڏياريندي معصوم ٻارڙي جو علاج شروع ڪرائي ڇڏيو آھي جنھن عمل جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي۔