جيئن ته عيد رات ملوڪ خروس کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي فريادي سيف الله، رستم علي، محمد ڇتل ،نور محمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان مامولي ڳالھ تان جهيڙو هلندڙ هو ۽ اچانڪ عيد رات مٿس حملو ڪري محمد ملوڪ کي روزي جي حالت ۾ ڪين شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايف آئي آر سترن ماڻهن مٿان داخل به پڻ ان باوجود پوليس پاران ڪا هن محل تائين گرفتاري عمل ۾ آندي وئي، اسان جو آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کان مطالبو ڪجي ٿو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تعفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.