سکر ،آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ استادن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، جنهن جي اڳواڻي محمد عرفان سومرو، شهزادو ميمڻ، مجيد الرحمان ٻرڙو ،شاھد حسين ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي جي ڪري سنڌ جا نوجوان نوڪرين لاءِ دربدر آهن، سنڌ حڪومت هارڊ ايريا ٺاهي اتي 33مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون آهن، جڏهن ته اسان به 33 کان 39 مارڪون حاصل ڪيون آهن پر اسان کي سافٽ ايريا جو ڄاڻائي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن، جڏهن ته آرٽيڪل 1973 25A ۾ واضع آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي برابري جو حق حاصل آهي پر سنڌ حڪومت ٻٽو نظام ٺاهي اسان سان ناانصافي ڪري رهي آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻٽو نظام ختم ڪري سڀني کي برابري جي بنياد تي حق ڏنو وڃي ۽ 33 مارڪون ۽ ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪندڙ تمام اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي آفر آرڊر ڏنا وڃن.