دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ۽ جرح مڪمل ٿي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اطهر عباس سولنگي، عطاءُ الرحمان سومرو، حافظ عبدالحميد مهر، مولانا محمد صالح انڙ، مفتي حمدالله شاهه، پراسيڪيوٽر عبدالحليم قريشي ۽ جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جوابدارن جي وڪيل اطهر عباس سولنگي جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. شاهدن تي جرح ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته 9 سال اڳ جي يو آءِ اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي قتل ڪيو ويو هو، خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 9 سالن کان سينٽرل جيل سکر اندر اي ٽي سي ڪورٽ ۾ جاري آهي. ياد هجي ته گذريل 9 سالن دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي.