پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر ورڪر سيد زاهد حسين شاھ بخاري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ آفيس ۾ سنڌ بجيٽ جي احوالي سان ڳالھ ٻولهه،پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر ورڪر سيد زاهد حسين شاھ بخاري جن ٻڌايو ته انشاء الله آئيندا صوبائي بجيٽ عوامي بجيٽ هوندي، توهان ڏسو هن وقت به اٽو، ڪوڪنگ آئل، سبزي ۽ ڪافي شيون سستيون ٿي ويون آهن، ان لاءِ جو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي جو عائين رهيو آهي ۽ هميشه عوام جي ئي نمائندگي ڪئي آهي ۽ مستحقين جو ته هر وقت خيال رکيو ويو آهي هن ڀيري به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم ۾ واڌ ڪيو ٿو وڃي ، سنڌ اندر جيترا به آيل برسات ۽سيلاب ۾ جيڪي متاثر ٿيا تن کي به پنهنجو اجھو ٽاهڻ لاءِ ڪارڊ ذريعي رقم جلد شروع ڪئي ويندي