سکر ، هڪ سماجي تنظيم پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، خبرموجب: پاڪستان زنده آباد پيپلز ويلفيئر آرگنائيزيشن سکر پاران ورلڊ گلوب چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ شهرين پاران پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج پائنده باد جا نعرا هنيا ويا، وزارت سيال، مرتضيٰ گهانگهرو، شوڪت جتوئي، شبانہ خاڪي، اسماعيل چاچڙ، وحيده، ضمير گهنڃو، نثار وسير، ممتاز مهر، مراد گڏاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن پاڪ فوج جي جاين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته بيروني سازش تحت پاڪ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان اڄ سڪون جي ننڊ سمهون ٿا ته ان پٺيان پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، پاڪ فوج دنيا جي مڃيل فوجن مان نمبر ون فوج آهي، هنن چيو ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.