سکر ؛ پراڻوسکرجي ڀوسالائين چوھاڻ محلي جو رھواسي عنايت علي چوهاڻ جيڪو ھڪ ھفتي کان گم ٿي ويو ھو سندس وارث سخت پريشان ھئا ،

سکر : پراڻوسکرجي ڀوسالائين چوھاڻ محلي جو رھواسي عنايت علي چوهاڻ جيڪو ھڪ ھفتي کان گم ٿي ويو ھو سندس وارث سخت پريشان ھئا ، جنھن جي اين سي سي سيڪشن سکر ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي ھئي ، جنھن کانپوءِ سي سيڪشن سکر جي ايس ايڇ او صدر الدين لڪ پنھنجي ٽيم سميت گم ٿي ويل نوجوان عنايت علي چوهاڻ کي مختلف حدن تي ڳولا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون ،۽ موبائل نمبر ٽريس ڪرايا، ٽيڪنيڪل طريقي سان گم ٿي ويل نوجوان عنايت علي چوهاڻ ڪراچيءَ مان ھٿ اچي ويو ، وارثن ۾ خوشيءَ جي لھر ڇائينجي وئي ، وارثن ۽ سندس والد ھدايت علي چوهاڻ قاري محمد اسماعيل چوھاڻ ، لطيف چوھاڻ ، سي سيڪشن ٿاڻي تي اچي ايس ايچ او صدرالدين لڪ سان ملاقات ڪئي سندس شڪريو ادا ڪيو ، گم ٿي ويل نوجوان عنايت علي چوهاڻ ٻڌايو ته مونکي ڪنھن به اغوا ناھي ڪيو مان پنھنجي مرضيءَ سان مزدوريءَ لاءِ ڪراچي ويو ھيم ، ان موقعي تي نوجوان عنايت علي چوهاڻ جي والد ھدايت علي چوهاڻ چيوته ايس ايس پي سکر سنگھار علي ملڪ ۽ سي سيڪشن سکر جي ايس ايڇ او صدر الدين لڪ جا شڪرگذار آهيون ، جنھن اسان سان ڳولا ۾ ڀرپور نموني سان سھڪار ڪيو ،