سکر : آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر ليٽر نه ملڻ خلاف ايجوڪيشن آفيس نيو تعلقي سکر جي آفيس ٻاهران ۽ بعد ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آفر ليٽر نه ملڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن جي اڳواڻي نياز شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اميدوارن چيو ته اسان ميرٽ جي بنياد تي ٽيسٽ ڏني آھي پر ان باوجود اسان کي نظر انداز ڪندي من پسند اميدوارن کي آفر ليٽر ڏنا پيا وڃن، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا۔هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان کي آفر ليٽرڏياري انصاف ڏنو وڃي۔